راهو گلشير

راهو گلشير

گلشير راهو

گلشير راهو : ملهه پهلوان گلشير راهو، ڳوٺ حاجي الهداد راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ هو. کيس ملهه وڙهڻ جو شوق سندس سؤٽ ارباب راهوءَ کي ملهه وڙهندو ڏسي پيدا ٿيو. هن ملهه جي سکيا به پنهنجي سؤٽ کان ورتي. تربيت حاصل ڪرڻ بعد هن کي سندس استاد شاگرديءَ وارو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ کان ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪئي، ڪجھه وقت تائين پنهنجي ڳوٺ جي ويجھڙائيءَ وارن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو رهيو، پوءِ وري ٻئي جوڙ ۾ پهتو. ٻئي جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ پهلوان در محمد عالماڻيءَ کان تربيت ورتائين ۽ ان کان ٻئي جوڙ ۾ استاديءَ جو ڌاڳو ٻڌايائين. 1970ع تائين ٻئي جوڙ جي ملهه وڙهندو رهيو، ان کانپوءِ پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو. هو خانداني پهلوان هو، ملهه وڙهڻ ۾ ڪافي ناماچاري ماڻيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو